سومرو انور

سومرو انور

انور سومرو

انور سومرو : شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ ايڊيٽر انور سومري جو پورو نالو علي انور ولد مولا بخش سومرو آهي. سندس جنم 07 سيپٽمبر 1979ع ۾ چڪ شهر، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول چڪ مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول چڪ مان ڪئي، انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سنڌي) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. انور سومرو، شاعر، صحافي ۽ پبلشر سان گڏ سماج سڌارڪ به آهي. هن ’دراوڙ پبليڪشن‘ چڪ قائم ڪري پنهنجي ادارت ۾ سلسليوار ’دراوڙ‘ رسالو جاري ڪيو، ۽ ائين سندس لاڙو صحافت طرف ٿيو. صحافت جي شروعات روزاني ’نجات‘ سکر جي تعلقي رپورٽر جي حيثيت ۾ ڪيائين، جنهن کانپوءِ روزاني ’تعمير سنڌ‘ ۽ روزاني ’پاڪ سنڌ‘ سکر جو تعلقي رپورٽر، روزاني ’سمبارا‘ ڪراچي، روزاني ’برسات‘ ڪراچي، روزاني ’سوال‘ حيدرآباد، روزاني ‘شام‘ حيدرآباد جو ڪيترو وقت بيورو چيف ٿي رهيو. انور سومرو روزاني ’پاڪ سنڌ‘ سکر ۽ روزاني ’نجات‘ سکر جو سب ايڊيٽر، روزاني ’سنڌ پوسٽ‘ ڪراچيءَ جو سينيئر نيوز ايڊيٽر، روزاني ’خبرون‘ ڪراچيءَ جي اندرين صفحن جو انچارج، ’روزاني ’آس‘ حيدرآباد جو ڊپٽي ايڊيٽر ۽ هن وقت ڪجهه سالن کان روزاني ’واڪا‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر آهي. انور سومري کي ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ کيس ڪراچي پريس ڪلب ۾ ايڊيٽرن جي مان ۾ گهرايل اجلاس دوران ميڊل ڏنو. ان کان سواءِ کيس راول لٽرري اينڊ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڪولاب جيئل خيرپورميرس پاران بهترين صحافي اوارڊ، سيوا سکر پاران سوشل ورڪر اوارڊ ڏنا ويا آهن. انور سومرو ڪافي وقت کان وٺي تازن مسئلن تي ملڪي ۽ عالمي حوالي سان ڪالم ۽ مضمون لکندو رهي ٿو.


لفظ انور سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.09.07  عيسوي

شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ ايڊيٽر انور سومري جو پورو نالو علي انور ولد مولا بخش سومرو آهي. سندس جنم 07 سيپٽمبر 1979ع ۾ چڪ شهر، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪاتي مسعود احمد
امين ارباب
لائق سنڌي ٿيٻو
ضمير نيازي
اخلاق جوکيو
ظهير احمد
ابوبڪر خان مگسي
طارق قريشي
الهورايو بوزدار
خير محمد نظاماڻي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون